سچل سرمست  5

سچل سرمست 5

سچل سرمست 5

سچل سرمست (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سچل سرمست جي سنڌي، پنجابي، فارسي ۽ اردو ڪلام تي مشتمل آهي، جنهن مان اردو کانسواءِ باقي جو منظوم ترجمو شفقت تنوير مرزا ڪيو آهي. شفقت تنوير مرزا وڏو سچل شناس نظر اچي ٿو، جنهن سچل جي ڪلام جي روح کي اردوءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪتاب جو انتساب هنن لفظن ۾ ڪيو ويو آهي:
”سنڌ ڪي هيروئن ماروي ڪي نام،
جسي عمر سومرو ڪي شاهي محل مين نه
اپنا ريگزار ڀُولا اور نه اپني غريب مارو.“
انتساب کانپوءِ ’پهلي بات‘ عنوان هيٺ 50 صفحن جي طويل مهاڳ ۾ شفقت مرزا سچل سرمست جي شخصيت ۽ شاعريءَ جو ان وقت جي حالتن جي روشنيءَ ۾ تفصيلي جائزو ورتو آهي. ان بعد ڪجهه متن ۽ ترجمي بابت هن انهن ماخذن جو ذڪر ڪيو آهي، جتان هن سچل سرمست جي مختلف زبانن جي شاعريءَ جو انتخاب هٿ ڪيو آهي، جنهن بعد هڪ صفحي تي سچل سرمست جو ’شجره نسب‘ ڏنو ويو آهي. ان بعد ترتيبوار سنڌي، پنجابي (سرائيڪي) ۽ فارسي ڪلام (عشق نامه، وصلت نامه) جو منظوم ترجمو ڏنو ويو آهي ۽ آخر ۾ سچل سرمست جو اردو ڪلام شامل ڪيو ويو آهي.
ڊيمي سائيز جي 423 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي لوڪ ورثي جي قومي اداري اسلام آباد پاران 1980ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو ۽ ڪتاب جي قيمت 35 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو